تذڪرة المراد

تذڪرة المراد

تذڪرة المراد

تذڪرة المراد (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف ٺٽي شهر جو حاجي محمد حسن ”صفائي“ هو، جنهن يارهين صدي ۾ هيءُ تذڪرو لکيو. هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله، سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي، المعروف سيد مراد (متوفي 893هه/ 1487ع) جو احوال ۽ سندس ملفوظات شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ان وقت جا تاريخي واقعا، ۽ ان دور جي ٻين بزرگن ۽ مشاهيرن جو به ذڪر آهي. ان کانسواءِ ان دور جي سنڌ جي دوريشانه ۽ صوفيانه ماحول جي به هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي ته هي ڪتاب ناياب آهي ۽ ان جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ به موجود آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو